SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Operational Environment

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ɔpəreiʃənl
  • invaiərənmənt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Operational Environment

آپريشنل انوائيرنمينٽ

عمل جوڳيون حالتون

پرڏيهي پاليسيءَ جي ڇيدڪاريءَ سان لاڳاپيل هي اصطلاح مُختلف حالتن ۾ گهيريل فيصلي ساز عمل ۽ اڻ سُوجهيل نفسياتي وارتائن جي وچ ۾ موجود تفاوتن کي ظاهر ڪري ٿو، ”اڻ سوُجهيل وارتائون“ دراصل اُهو ماحول آهي، جيڪو فيصلي ڪرڻ/ ٿيڻ دوران فيصلي ڪندڙ ڌُر مٿان حاوي هُجي ٿو. هي تصور سڀ کان اڳ آمريڪا جي سياسي جاگرافي دانن ’هيرالڊ‘ ۽ ’مارگريٽ‘ 1956ع ۾ هڪ مضمون ۽ 1965ع ۾ لکيل ڪتاب منجهه ڏيئي جاگرافيائي پوزيشن جي اهميت توڙي بين الاقوامي معاملن ۾ ٿيندڙ سرگرمين جي حوالي سان هڪ ”اضافي حقيقت“ طور ڏنو. هن اصطلاح جي بهترين وضاحت ڪنهن به نيتي جوڙيندڙ (Policy Maker) جي چوڌاري حالتن جو احاطو ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿي، جن حالتن مطابق هُو ڇا ڪري سگهي ٿو ۽ ڇا نٿو ڪري سگهي، وارا پهلو ڳڻپ ۾ ايندا آهن. جيتوڻيڪ ان نفسياتي وارتا کي فيصلي تي عمل ڪرڻ دوران محسوس نٿو ڪري سگهجي، پر ان جو اثر (Impact) ماحول ۾ محسوس ضرور ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ڪيل فيصلي جا عوامي حلقن ۾ اثر ۽ انهن اثرن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بُحران يا مليل حمايت وارا پهلو واضح ڪندا آهن ته فيصلي ڪندڙ جو ادراڪ ۽ سمجهه ڪيتري قدر دُرست يا غلط آهي .


Remember Me Also:

اڍاري

صفت. ارڙهن عدد.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal